ديوان گل

ديوان گل

ديوان گل

ديوان گل (ڪتاب): ٽالپر دور جي پهرئين غزل جي صاحب ديوان شاعر خليفي گل محمد ’گل‘ هالائيءَ جي غزلن جو ديوان، پهريون ڀيرو 1 جمادي الثاني 1275هه مطابق 6 جنوري 1859ع تي وڏي سائيز ۾ مطبع ممبئيءَ مان ليٿو پريس تي شايع ٿيو هو. ان جو ٻيو ڇاپو سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد، سال 1933ع ۾ سال جي ڇهين ۽ آخري ڪتاب طور شايع ڪيو، جنهن کي قاضي عبدالغفور هالائيءَ سُڌاري پيش ڪيو هو ۽ اڳئين ڇاپي جون غلطيون درست ڪيون هيون. ديوان گل جو اهو ڇاپو، سيڪريٽري سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، محمد صديق ميمڻ ڇپائي پڌرو ڪيو هو، جنهن ’ديوان‘ گل جو تفصيلي ديباچو به لکيو هو، جنهن ۾ خليفي گل محمد سانوڻيءَ جي ڪلام جي خوبين، بلاغت، فصاحت، تشبيهن، اصطلاحن، پهاڪن جي استعمال، وزن وغيره تي اجمالي بحث ڪيو ويو آهي. خليفي گل جي زندگيءَ جا حالات عبدالغفور هالائيءَ لکيا هئا. ديوان گل جو ٽيون ڇاپو 57-1956ع ۾ آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد پاران ساڳي ترتيب سان ڇپيو. ديوان گل ۾ الف- ب وار رديفن جي ترتيب سان 175 غزل شامل آهن. هن ڪرائون سائيز جي 148 صفحن جي ڪتاب جي قيمت 2 روپيا آهي.


لفظ ديوان گلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو